عبدالرحمان چغتائي

عبدالرحمان چغتائي

چغتائي عبدالرحمان

چغتائي، عبدالرحمان: ناميارو مصور عبدالرحمان ولد ميان ڪريم بخش چغتائي،21 سيٽمبر 1894ع تي لاهور ۾ پيدا ٿيو. هي ميو اسڪول آف آرٽس جو شاگرد هو، شروعات ۾ افسانا به لکندو هو. 1934ع ۾ انگريز سرڪار کيس خان بهادر جو خطاب ڏنو. ان دور ۾ تعميرات جي ماهرن کي ’مير تعميرات‘ سڏيندا هئا. هن جا وڏا شاهجهان جي دور جا ’مير تعميرات‘ هئا. سندس ڏاڏو به رنجيت سنگهه جي دور ۾ ’مير تعميرات‘ رهيو. هن خاندان ’لال قلعي‘، ’جامع مسجد‘ ۽ ’تاج محل‘ جي تعمير ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. عبدالرحمان چغتائيءَ مصوري کي شوقيه طور شروع ڪيو، پر اڳتي هلي هن فن ۾ ڪمال درجي تي پهتو. سندس شاهڪارن جا تصويري مجموعا شايع ٿي چڪا آهن، جن ۾: ’مرقع چغتائي‘ (يعني ديوان غالب مطبوعه 1927ع)، ’نقش چغتائي‘، ’چغتائي ڪي تصاوير‘، ’چغتائي ڪي هندستاني تصاوير‘، ’خيام جي شعرن جو تصويري نسخو‘، ’چغتائي ڪا فن‘ ۽ ’ڪار چغتائي‘ اچي وڃن ٿا. عبدالرحمان چغتائيءَ هڪ هزار کان وڌيڪ تصويرون ۽ هڪ هزار کان وڌيڪ پينسل سان ٺهيل نقش ۽ ايچنگ تيار ڪيون. دنيا جي عجائب گهرن ۾ سندس تصويرون رکيل آهن. لنڊن، پئرس، برلن کان سواءِ ٻين ڪيترن ئي ملڪن ۾ سندس تصويرن جون نمائشون منعقد ٿيون آهن. سندس ڪجهه تصويرون گڏيل قومن واري عمارت ’نيويارڪ‘ ۾ به لڳل آهن. اهڙيءَ طرح هيگ واري ’قصر امن‘ (Peace Palace) کي به سندس تصويرن سان سجايو ويو آهي. چغتائيءَ کي پراڻن مصورن جون ٺاهيل تصويرون گڏ ڪرڻ جو ڏاڍو شوق هوندو هو، جنهن ۾ ايراني، مغل ۽ راجپوت مصورن جون تصويرون اچي وڃن ٿيون. هن بهترين مصور 17جنوري 1975ع تي وفات ڪئي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1894.09.21  عيسوي

ناميارو مصور عبدالرحمان ولد ميان ڪريم بخش چغتائي،21 سيٽمبر 1894ع تي لاهور ۾ پيدا ٿيو


1975.01.17  عيسوي

عبدالرحمان چغتائي17جنوري 1975ع تي وفات ڪئي.



مُصوّر - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

رضوان عمراڻي
علي اڪبر سومرو
نياز شيخ
ڊاونچي ليونارڊو
ظفر ڪاظمي
عبدالرحيم ناگوري
سيد محبوب علي شاهه 2
شرجيل فتاح هاليپوٽو
پير بخش لاڙڪ
سليمه هاشمي
مُصوّر ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون